ڪراچي ۾ ڌماڪو، 12 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، عمارتن ۽ گاڏين کي نقصان

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته خانگي بئنڪ جي عمارت ۽ ڪيترن گاڏين کي به سخت نقصان پهتو آهي

پوليس موجب ڌماڪو شير شاهه پراچا چوڪ وٽ نالي تي ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خانگي بئنڪ جي عمارت کي سخت نقصان پهتو.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڌماڪي کان فوري پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو نالي ۾ گيس ڀرجي وڃڻ جي ڪري ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

جڏهن ته ٽراما سينٽر جو سربراهه ڊاڪٽر صابر ميمڻ ڌماڪي ۾ 12 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديقي ڪئي آهي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔