دنيا افغانستان جي معاملي تي غفلت جو مظاهرو نه ڪري: شاهه محمود قريشي

ڪراچي : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جو عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، دنيا افغانستان جي معاملي تي غفلت جو مظاهرو نه ڪري

اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو

او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، مبصرن، پرڏيهي وزيرن، گڏيل قومن، بين الاقوامي مالياتي ادارن، آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني ۽ اٽلي جا نمائندا به شرڪت ڪندا

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جو عوام سخت ڏکيائين جو شڪار آهي، افغانستان ۾ انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ ٿي رهي آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪي افغانستان جي زميني حقيقتن کان واقف آهن اهي چون ٿا ته بائيڊن انتظاميه کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته دنيا افغانستان جي معاملي تي غفلت نه ڏيکاري، اڄ سڄي دنيا مان پاڪستان جي موقف جي حمايت ۾ آواز اچو رهيو آهي، يورپي يونين مان به افغانستان تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ۾ ڳالهايو ويو، يورپي پارليامينٽ ميمبرز به چون ٿا ته افغانستان ۾ خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي

پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان بابت اڳڀرائي نظر اچي رهي آهي، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ڪانفرنس تاريخي ثابت ٿيندي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔