پاڪستان ۾مهانگائي جي شرح خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي: رضا باقر

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته ملڪ ۾ في الحال وياج جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته شرح سود ۾ واڌ باوجود ملڪ جي ترقي جي شرح هلندڙ مالي سال 5 سيڪڙو تي رهڻ جو امڪان آهي

هن چيو ته پاڪستان ۾مهانگائي جي شرح خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، گذريل ڇهن مهينن دوران پاڪستاني رپيو جو 13 ايشيائي ڪرنسي مان سڀ کان وڌيڪ بد حال رهيو

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسان دير نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته مهانگائي گهٽ ٿئي، ان ڪري اسان سيپٽمبر کان هن وقت تائين سود جي شرح ۾ مجموعي طور تي 275 بيس پوائنٽس وڌايا

رضا باقر چيو ته مانيٽري پاليسي جي بيان ۾ اسان مستقبل جو به اشارو ڏنو آهي ته هاڻي بريڪ وٺي سگهون ٿا، ان ڪري اسان وقفو وٺڻ پيا وڃون ته جيڪي قدم اڳ ۾ کڻي چڪا آهيون ان جا اثرن جو جائزو ورتو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔