ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو

ڪراچي: ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٿڌ ۾ واڌ سبب موسمي بيمارين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري شهري پريشان آهن

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 10 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به سخت سردي ٿي رهي آهي، جڏهن ته سرد موسم ۾ به مزدور پنهنجو ڪم جاري رکيل آهن

ٻئي طرف ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ گرمي پد گوپس ۾ مائنس 16 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، قلات ۾ مائنس 12، ڪوئيٽا، گلگت، استور ۾ مائنس 08 ۽ هنزه ۾ 06 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي

ايبٽ آباد مائنس 3، مري مائنس 1، اسلام آباد، ڊيرا اسماعيل خان ٻُڙي، ملتان، پشاور 1، سکر 4، لاهور، فيصل آباد، نوابشاهه 6 ۽ حيدرآباد ۾ 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔