ڊي آءِ خان ۾ هٿياربندن هٿان اي اين پي جي ميئر جو اميدوار قتل

ڪراچي: ڊيرا اسماعيل خان ۾ سٽي ڪائونسل جي ميئر جو اميدوار عمر خطاب شيراڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته عمر خطاب شيراڻي تي صبح سوير سندس گهر ٻاهران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته عمر خطاب شيراڻي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، ميئر اميدوار عمر خطاب شيراڻي جو تعلق عوامي نيشنل پارٽي سان آهي

ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ 19 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏينهن آهي، اميدوارن پاران پنهنجي ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔