ڀٽو ۽ شريف خاندان ملڪ کي تباهه ڪيو، پاڪ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ نه ٿئي: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي بدحالي جا ذميوار ڀٽو ۽ شريف خاندان آهن، پاڪستان ۾ وسيلن جي کوٽ ناهي، پر ڀٽو ۽ شريف خاندان وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀٽو ۽ شريف ڪٽنب ملڪ ۾ سياست نه، پر خانداني نظام قائم ڪرڻ گهرن ٿا، پاڪستان جي بدحالي جا ذميوار به اهي ٻئي خاندان آهن ۽  اسان جو مقابلو به دولت سان مالا مال ٻن خاندانن سان آهي

هن چيو آهي ته اڪثر ماڻهو پئسو ڪمائڻ لاءِ سياست ۾ ايندا آهن، وزيراعظم ۽ وزير چوري ڪن ته ملڪ قائم نٿو رهي سگهي، ڪرپشن معاشري کي تباهه ڪري ٿي، قانون جي حڪمراني کانسواءِ معاشرو قائم نٿو رهي سگهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته مان پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ  فنڊ گڏ ڪرڻ وارو شخص آهيان، جڏهن ته منهنجي والد پاڪستان ۾ پنهنجي پهرين انجنيئرنگ ڪنسلٽنسي فرم قائم ڪئي، هن چيو ته فتح کان وڌيڪ شڪست ۾ غلطين مان ماڻهو سکي ٿو

ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کنڊ اسڪينڊل تي ايڪشن ۾ آئي جيڪڏهن وزيرن خلاف ڪرپشن جا الزام سامهون آيا ته پاڻ جاچ ڪندس

هن چيو ته هو نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي رول ماڊل سمجهن ٿا، نوجوانن کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻو پوندو

ڪشمير جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير هڪ وڏي قيد خاني جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، 8 لک ڪشميري کليل جيل ۾ رهڻ تي مجبور آهن

هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿارينداسين جڏهن ته بي جي پي حڪومت ڀارت ۽ خطي لاءِ خطرناڪ آهي، مون کي خدشو آهي ته بي جي پي حڪومت ۾ پاڪ ڀارت ايٽمي جنگ نه ٿئي

انٽرويو ۾ عمران خان وڌيڪ چيو ته 9/11 حملن ۾ ڪو به افغان شهري ملوث نه هو پر آمريڪا جو افغانستان تي مسلط ڪيل جنگ جنوني عمل هو

هن چيو ته آمريڪا 20 سالن کان افغانستان تي نام نهاد جنگ جي نالي تي قابض رهيو، سمجهه ۾ نه آيو ته آمريڪا افغانستان ۾ ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي پيو

هن چيو ته افغانستان جو هڪ ڪروڙ 40 لک ماڻهو عوام مدد جا منتظر آهن، آمريڪا کي افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔