مخالف عمران خان خلاف ثبوت ڏين مان به جيل هليو ويندس: گورنر سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪهڙا فرشتا کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪندا آهن، ان بابت ارباب غلام رحيم پاڻ  ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ميئر پاور فل هجي، جيئن دنيا جا ميئر هوندا آهن تيئن ڪراچي جو ميئر به طاقتور هجڻ گهرجي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي لاوارث شهر ناهي جو جيڪو اچي ڪراچي تي سواري ڪري هليو وڃي، کنڊ اسڪينڊل تي جاچ به جهانگير ترين کان شروع ٿي هئي، ان ڪري اهو تاثر غلط آهي ته پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت پنهنجي ماڻھن کي ڇڏي رهي آهي

هن چيو آهي ته جسٽس وجيهه، شھباز شريف ۾ ٻين کي چيلينج ڪيان ٿو ته عمران خان خلاف ڪو هڪ ثبوت کڻي اچن ته آئون به جيل هليو ويندس، اهي الزام هڻڻ بجاءِ شاهديون کڻي اچن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔