سيف الرحمان جي گرفتاري: نيب کان جوابدار کي گرفتار ڪندڙ اھلڪارن جا تفصيل طلب

اسلام آباد : نيب پراسيڪيوٽر نجي ڪمپني جي مالڪ سيف الرحمان کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي آھي، وقتي چيف جسٽس جي نوٽيس وٺڻ بعد سيف الرحمان کي عدالت اڳيان پيش ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙي ايمرجنسي هئي جو نيب جوابدار کي ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪيو، عدالتي احاطي جي توهين ٿيڻ نه ڏينداسين.

وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ ھو تھ نيب وارا شهرين کي هيسائي نٿا سگهن، رڪوري ڪرڻي آهي ته قانون پٽاندڙ ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ ڪَسِينو نه آهي جو نيب عملدار ائين حملي آور ٿين، سپريم ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪرڻ جو ڪنهن اختيار ڏنو آهي، ڇا نيب وارا اکاڙي ۾ آيا هئا، عدالت سيف الرحمان جي گرفتار ٿيڻ واري مامرا جا سي سي ٽي وي فٽيجز طلب ڪري ورتا آھن، جوابدار کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪندڙ نيب ملازمن جو ڀرتي ۽ ٽريننگ رڪارڊ طلب ڪيو ويو، گرفتاري ۾ ملوث سمورن ملازمن کي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ هڪ-هڪ لک رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔