ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ کان تعليمي ادارا کُلي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ 16 جولاءِ تي بند ڪيل تعليمي ادارا اڄ کُلي ويا، اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ڏيڍ مهيني کانپوءِ کُلڻ تي استادن توڙي شاگردن ۾ سرهائي، حيدرآباد جي مختلف اسڪولز ۾ ايس او پيز تي عمل ڪندي ٻارن توڙي عملي کي سينيٽائيز ڪيو ويو، شاگرد ۽ استاد ماسڪ پائي اسڪول پهتا.

 لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولز ۾ پهرئين ڏينهن حاضري گهٽ رهي، تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارا هفتي ۾ 6 ڏينهن کُليل رهندا، شاگردن کي 30 ڏينهن 50 سيڪڙو حاضري واري فارمولي تحت گهرايو ويندو، ٻارن جي والدين کي به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽس لاڳاپيل اسڪول ۾ جمع ڪرائڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔