جيمز هينڊي گرل فرينڊ جي پٽ هٿان چاقو لڳڻ سبب قتل

لنڊن :  آمريڪي اداڪار جيمز هينڊي کي سندس عورت دوست (گرل فرينڊ) جي پٽ مبينا طور چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، 81 سالن جي اداڪار کي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ سندس گهر اندر چاقو هڻي قتل ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽن مطابق، اهو واقعو 3 جون تي پيش آيو ۽ واقعي واري هنڌ تان ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته قتل جي حوالي سان 3 جون جي صبح پوليس کي فون تي اطلاع مليو هو. پوليس موقعي تي پهچي اداڪار کي زخمي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ ڏٺو، کيس ڇاتيءَ تي چاقو هنيو ويو هو. کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، 44 سالن جي مائيڪل گليڊل نالي مشڪوڪ شخص پاڻ پوليس کي ٻڌايو آهي ته جيمز هينڊي کي کيس ئي قتل ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مائيڪل گليڊل پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هوءَ مقتول اداڪار جي گرل فرينڊ هئي.

تبصرے بند ہیں۔