ليڊز ٽيسٽ: انگلينڊ هٿان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست

ليڊز : انگلينڊ ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي اننگز ۽ 76 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ليڊز ۾ کيڏيل ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڀارتي ٽيم 78 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي ۽ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي سميت 9 بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا هئا.
انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 432 رنسن جو جبل بيهاري ڇڏيو، جنهن جي خاص ڳالهه جو روٽ جي اننگز هئي، جنهن 121 رنسون ٺاهيون.
ڀارتي ٽيم ٻي اننگز 354 رنسن جي خساري سان شروع ڪئي ۽ 278 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ائين انگلينڊ جي ٽيم ميچ ۾ اننگز ۾ 76 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
انگلينڊ جي ٽيم ميچ ۾ ڪاميابي سان گڏ 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي، ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڀارت ڪاميابي ماڻي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔