قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن ۾ سخت ڇڪتاڻ

اسلام آباد:قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا، سخت لفظن جي ڏي وٺ کانپوءِ معاملو هٿين پوڻ تائين ايندي ايندي ٺري ويو.قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم ٽٽڻ جي ڪري جمعي تائين ملتوي ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم جي خاص مددگار علي نواز اعواڻ ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ جي ميمبرشڪور شاد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. خاص مددگار علي نواز اعواڻ ڪاوڙ ۾ شڪور شاد جي ويجهو اچي چيو ته ”ڪراچي مان هڪ ئي پارٽي جا توهان ٽي ٽي ڄڻا ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيو، ٻين کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نٿو ملي، ٽن ڏينهن کانپوءِ ته اجلاس ۾ ايندا آهيو“. جنهن جي جواب ۾ شڪور شاد چيو ته ”اسان روز ايوان ۾ ايندا آهيون، مونسان داداگيري نه ڪر، نه ته سڄي داداگيري ڪڍي ڇڏيندس“، ان دوران شڪور شاد جڏهن گهڻي ڪاوڙ ۾ نظر آيو ته علي نواز اعواڻ ايوان مان ئي ٻاهر نڪري ويو. جنهن دوران ڊپٽي اسپيڪر جي ڊائيس تي جي ڊي اي جي ميمبر سائرا بانو احتجاج ڪندي نظر آئي، ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ختم ڪندي پنهنجي سيٽ تان اٿي وڃڻ لڳو ته سائرا بانو چيو ته انهن ٻنهي جي ڪري اجلاس ملتوي ڇو ڪيو ويو؟، سنڌ مان هتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا آهيون هاڻي ٻن ڏينهن تائين ڪيڏانهن وينداسين؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔