سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گهر نه ڊاهڻ جو حڪم، اختيارين کان جواب طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گجر نالي تي حددخلين جِي آڙ ۾ ليز گهر ڊاهڻ خلاف توهين عدالت درخواست تي ڪي ايم سي جي ڊائريڪٽر، ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ناظم آباد بلاڪ فور ۾ گهر نه ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊائريڪٽر ڪي ايم سي بشير صديقي ۽ ميونسپل ڪمشنر دانش جي خلاف توهين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عدالت ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ بشير ۽ دانش سعيد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ کائن جواب به طلب ڪري ورتو، عدالت ناظم اباد بلاڪ 4 ۾ گهر ڊاهڻ کان به روڪي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ رفيع ڪمبوهه چيو ته ناظم آباد بلاڪ فور ۾ ڪي ڊي اي ليز گهرن کي مسمار ڪرڻ کان عدالت روڪيو هو ان باوجود انيٽي انڪروچمنيٽ عملو گهر مسمار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، گهر ڊاهڻ تي هڪ شهري صدمي ۾ فوت ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔