آءِ ايم ايف پاران پاڪستان سميت ميمبر ملڪن لاءِ 650 ارب ڊالرز فنڊنگ جو اعلان

ڪراچي: آءِ ايم ايف ميمبر ملڪن جي لاءِ 650 ارب ڊالرز جي فنڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪا تاريخ جي سڀ کان وڏي فنڊنگ آهي، آءِ ايف اي جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪن کي ڪورونا تي قابو آڻڻ لاءِ فنڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، فنڊنگ جي ذريعي ترقي يافته ۽ غريب ملڪن کي 275 ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪٽور بورڊ فنڊنگ جي منظوري ڏني آهي ۽ سمورن ميمبر ملڪن جي لاءِ فنڊنگ 23 آگسٽ کان دستاياب ٿي سگهندي، اسٽييٽ بينڪ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هن فيصلي سان 2 ارب 80 ڪروڙو ڊالر ملڻ جا امڪان آهن ۽ هي رقم هلندڙ مهيني جي آخر تائين ملڻ جي ميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔