دادو وارا ڪراچي بند نٿا ڪري سگهن، وزيراعظم اعلان ڪري اڄ ئي شهر کولرائينداسين: ايم ڪيو ايم

ڪراچي:متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم )پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي بند ڪرڻ جو فيصلو دادو وارا نٿا ڪري سگهن، وزيراعظم اڄ اعلان ڪري ته اسان شهر کولرائي ڇڏينداسين. تاجر برادري جي نمائندن متحده جي مرڪز بهادرآباد تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي لاڪ ڊائون بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪورونا جي آڙ ۾ ڪراچي جي شهرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي، صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي بدران وقت مقرر ڪيو وڃي. هن اعلان ڪندي چيو ته ڪراچي کي بند ڪرڻ جو فيصلو دادو وارا نٿا ڪري سگهن، وزيراعظم اڄ اعلان ڪري شهر اسان کولرائي ڏيکارينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔