اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار، ڪابينا کي بريفنگ ڏئي ڇڏي: شبلي فراز

اسلام آباد:سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اِي وِي ايم) تيار ٿي وئي آهي، ان حوالي سان وفاقي ڪابينا کي بريفنگ به ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز جو چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تمام جلد ڪابينا، اپوزيشن پارٽين، پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڏيکارينداسين.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي تيار ڪئي وئي آهي. هارائڻ وارو اميدوار پنهنجي ووٽرن جا نتيجا قبول ڪري ان جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال مددگار ثابت ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔