پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ شموليت جي دعوت ڏني هئي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو ته نواز شريف کي ڪرڪيٽ جو شوق هو پر هو حادثاتي طور وزيراعظم بڻجي ويو. سياسي دور جي شروعات وقت ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻنهي پارٽين شموليت جي دعوت ڏني هئي پر مان انهن جي ڪرپشن کان واقف هيس تنهنڪري پنهنجي پارٽي ٺاهي. وزيراعظم صحافي اڪرام سهگل جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سياست مان اچڻ کان اڳ ملڪ جي سياسي نظام بابت ڪا به خبر نه هوندي هئي، رڳو نصابي ڪتابن ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهي هئي، ماڻهن کي ترندي ڏسي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو، سياست ۾ سمنڊ ۾ ترڻ جيان ئي آهي. وزيراعظم چيو ته نواز شريف کي ڪرڪيٽ جو شوق هو ۽ هُو حادثاتي طور وزيراعظم بڻجي ويو، سياسي ڪيريئر جي شروعات ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ۾ منهنجا دوست موجود هوندا هئا جنهن سبب مونکي به شموليت جي دعوت ڏني وئي هئي پر مان انهن ۾ نه ويس. پنهنجي پارٽي ٺاهي ٻنهي پارٽين جي ڪرپشن کي چيلينج ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔