انگلينڊ پاڪستان جا سڀ ٿورا وساري ڇڏيا

انگلينڊ پاڪستان جا سڀ ٿورا وساري ڇڏيا ۽ ڪورونا وبا ۾ به ٽيم موڪلڻ جو لحاظ به نه ڪيو.
انگلينڊ ڀارتي خواهش تي پنهنجي رانديگرن کي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان روڪڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ سرڪاري عهديدار صحافين کي ٻڌائي، ان موجب اها ڳالهه درست آهي ته اي سي بي پنهنجي رانديگرن کي ڪشمير جي لاءِ نه ڇڏيندو، اسان کي پاڪستان سپر ليگ مان ڪو به مسئلو ناهي پر ڪشمير ۾ اهڙو ايونٽ نه ٿيڻ ڏينداسين، اسان پنهنجي حڪومتي موقف تي قائم آهيون.
واضح رهي ته گذريل سال ڪورونا وبا جي عروج باوجود پاڪستان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ موڪلي هئي پر اي سي بي ان ڳالهه جو به لحاظ نه ڪيو، هن پاڪستان جا سڀ ٿورا وساري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔