ٽيٽيهه سرڪاري ادارا 19_2018ع دوران خساري ۾ هئا: وفاقي وزير شوڪت ترين

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين هڪ سوال جي جواب ۾ ايوان کي ٻڌايو ته سال 19/2018 دوران 33 سرڪاري ادارا خساري ۾ هئا، انهن ادارن جو نقصان 479 ارب رپيا آهي. پ پ جي نفيسه شاهه جي ڪورونا پيڪيج ۾ آڊٽ جي سوال جو گول مول جواب ڏيندي چيو ويو آڊيٽر جنرل آڊٽ رپورٽون صدر کي پيش ڪيون آهن، آڊيٽر جنرل جي هڪ رپورٽ ڪووڊ تي ڪيل خرچن بابت آهي. شوڪت ترين چيو ته آئين موجب ، ڪووڊ خرچن بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔