سنڌ حڪومت پاران سردارن وسيلي قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ خلاف پٽيشن داخل

سکر: سينئر وڪيل شبير شر سنڌ هاء ڪورٽ سکر ۾ جرڳن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ڪيس ٻڌڻ جوڳو آھي يا نه ڪورٽ سڳوري ڇهه آگسٽ تي فيصلو ڪندي. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2004ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جرڳن تي پابندي هنئي هئي، سنڌ جي وڏي وزير قبيلائي جهيڙا جرڳن وسيلي حل ڪرڻ جو اعلان ڪري عدالتي فيصلي جي توهين ڪئي آهي، وڏو وزير ٻڌائي ته سنڌ ۾ ڪهڙو علائقو قبائلي آھي جتي حڪومت جي رٽ ناهي جو سردار جرڳو ڪندا. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حڪومت غيرقانوني ڪم ڪندي متبادل عدالتي نظام قائم ڪري پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔