شھنشاھ غزل مھدي حسن جو پٽ آصف مھدي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پاڪستان جي ليجنڊ گلوڪار مرحوم مھدي حسن جو پٽ آصف مھدي لاڏاڻو ڪري ويو. مھدي حسن جي پٽ حيدر مھدي ٻڌايو تھ ھن جي ڀاءُ آصف مھدي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. حيدر مھدي ٻڌايو تھ آصف مھدي يونيورسٽي روڊ تي واقع نجي اسپتال ۾ داخل ھو جتي ھو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. حيدر مھدي موجب آصف مھدي ڪافي عرصي کان گردن جي مرض ۾ مبتلا ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔