حڪومت پنھنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول بم جو سھارو ورتو آھي: بلاول ڀٽو زرداري

چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي مھانگو ٿيڻ تي وفاقي حڪومت جي ڇتي تنقيد ڪئي آھي. ھڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين ۾ اضافي کي رد ڪندي چيو تھ حڪومت پنھنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول بم جو سھارو ورتو آھي، پاڪستان وڌيڪ مھانگائي کي برداشت نٿو ڪري سگھي. بلاول ڀٽو چيو تھ وزيراعظم رڳو ڪوڙ ۽ سياسي انتقام جي کانسواءِ ڪجھھ بھ نٿو ڄاڻي، سليڪٽڊ حڪومت جي نااھلي ملڪ کي اڳيان وڌڻ ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي چڪي آھي. وفاقي حڪومت کي غريب عوام جي مشڪلاتن جو خيال ناھي، ھڪ مھيني ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپين جي واڌ ڪئي وئي آھي. ھن جو چوڻ ھو تھ سليڪٽڊ وزيراعظم کان ملڪ نھ پيو ھلي، خان صاحب! عوام تي رحم ڪريو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو واپس وٺو، پيٽرول تي ٽيڪسز کي گھٽ ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔