پشاور زلمي کي شڪست، ملتان پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو سلطان بڻجي ويو

ابوظهبي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) 6 جي فائنل ميچ ۾ ملتان سلطان پشاورزلمي کي 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ملتان سلطان طرفان ڏنل 207 رنسن جو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهي سگهي پشاور زلمي طرفان شعيب ملڪ 48 ۽ ڪامران اڪمل 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سلطان طرفان عمران طاهر 3، عمران خان ۽ بليسنگ زمبراواني 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ پشاور زلمي ملتان سلطان جي خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

ملتان سلطان جي رائيلي روسوو ۽ صهيب مقصود جي جارحانه بيٽنگ جي بدولت مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون. صهيب مقصود 3 ڇڪن ۽ 6  چوڪن جي مدد سان 65 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته رائلي روسوو 3 ڇڪن ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 50 رنسن جي اننگز کيڏي. پشاور زلمي طرفان محمد عمران ۽ سمين گل 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔