موبائيل فون تي 5 منٽن کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي 75 پئسا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد : موبائيل فون تي 5 منٽن کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي 75 پئسا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان، انٽرنيٽ ۽ ايس ايم ايس تي ڪوبه ٽئڪس نه لڳايو ويندو، ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو آهي ته کاڄرو شين تي لاڳو ٽئڪسز گهٽائي ڇڏيا آهن، کير ۽ ڏهي سوڌو ڊيري صنعت تي لاڳو ٽئڪسز واپس ورتا پيا وڃن، اٽي ۽ اُن مان تيار ٿيندڙ شين تي ڪوبه ٽئڪس ناهي لڳايو، سون ۽ چاندي تي ٽئڪس 17 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ کان 3 سيڪڙو تي آندو آهي، سون تي 17 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽئڪس لاڳو رهندو، هاڻي هڪ هزار سي سي تائين گاڏي تي لاڳو ٽئڪسز گهٽايا ويندا، ڊسڪائونٽ ريٽ 13 سيڪڙو ڪري ڇڏيو، بجيٽ ۾ 12 وِد هولڊنگ ٽئڪسز به ختم ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔