قدرتي ماحول جي بهتري لاءِ وزيراعظم قوم کي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي بهتري لاءِ  قوم کي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان گرين فنانسنگ انوويشن تقريب کي خطاب ڪندي قوم کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺي. هن چيو ته اسان 10 ارب وڻ لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو عمل عوامي تعاون سان ئي مڪمل ٿيندو. اسان کي پنهنجي نسلن جي لاءِ پاڪ صاف پاڪستان  ڏيڻو آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان ريگستاني علائقن ۾ به وڻڪاري مهم شروع ڪئي آهي.  ڇو ته ريگستاني علائقن ۾ وڻ لڳائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ صاف ماحول ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي ۽ خوشي آهي ته ملڪ ۾ وڻڪاري مهم بابت آگاهي پيدا ٿي رهي آهي.

ماحوليات جي بهتري لاءِ ٻيلا تمام گهڻو ضروري آهن.  عمران خان چيو ته عالمي جدت جي ڳالهه تي ماڻهو کلندا هئا ۽ غير سنجيده وٺندا هئا. آسٽريليا ۽ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ باهه لڳڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. گلوبل وارمنگ کان بچاءُ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان جيڪڏهن اڄ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ ڪڏهن به ڪجهه نه ڪري سگهنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔