عمران سرڪار معاشي محاذ تي مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي: بلاول ڀٽو

ڪراچي : پي ٽي آءِ سرڪار ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار جي دعويٰ ڪئي آهي، رڳو هڪ سال ۾ اٽو 28 سيڪڙو ۽ کنڊ 21 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي، پ پ چيئرمين جو وفاقي حڪومت تي تنقيدي وار، جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت معاشي محاذ تي مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، پي ٽي آءِ سرڪار پگهارن جي ادائگي لاءِ به قرض وٺي رهي آهي، ملڪ ۾ هن وقت آمدني ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، توانائي جي پيداواري شرح ۾ گهٽتائي باوجود صنعتي ترقي واريون حڪومتي دعوائون کِل جوڳيون قرار ڏنيون ويون آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔