گهرو وزارت سنڌ ۾ هڪ سال لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: گهرو وزارت سنڌ ۾ 3 مهينن جي بجاءِ هڪ سال جي لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

گهرو وزير شيخ رشيد طرفان ڏنل رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ وزيراعظم اهم فيصلا ڪندون. جڏهن ته سنڌ ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ ۽ اسپيڊي ڪورٽس آڻڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي ۽ ڪراچي جي حوالي سان امن امان جي رپورٽ پيش ڪئي.

پيش ڪيل رپورٽ موجب سنڌ ۾ 3 مهينن جي بجاءِ هڪ سال جي لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي فوري طور تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ ڏوهن تي قابو ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون ويون. جن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن. سنڌ ۾ ڪيسن لاءِ اسپيڊي ڪورٽس آڻڻ جي سفارش سان گڏ سنڌ حڪومت جي اضافي ايمونيشن جي درخواست منظور ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔