22 ڪروڙ روپيه قرض کان بچڻ جي لاءِ شهري پاڻ ئي ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيڻ لاءِ پهچي ويو

اسلام آباد:  اسلام آباد جي شهري جو ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيڻ واري معاملي جو ڊراپ سين ٿي ويو، شهري 22 ڪروڙ روپيه قرض کان بچڻ جي لاءِ پاڻ ئي ڪچي جي علائقي پهچي ويو.

ايس پي سٽي اياز سليم موجب شهري نورالدين جي ڀاءُ آبپاره ٿاڻي ۾ پنهنجي ڀاءُ جي گمشدگي جي درخواست ڏني هئي. چار ڏينهن کان پوءِ مبينه مغوي جي فيملي کي ڪچي جي علائقي مان هڪ وڊيو اماڻي وئي.

ايس پي سٽي موجب وڊيو ۾ شهري نورالدين ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيل نظر اچي رهيو هو. جاچ جي دوران خبر پئي ته جوابدار وڊيو ڪراچي مان اماڻي هئي، جڏهن ته اغوا ٿيل شهري اسلام آباد ۾ پنهنجي هڪ ويجهي دوست سان مسلسل رابطي ۾ هو.

پوليس موجب جوابدار پنهنجي دوست سان گڏجي اغوا ٿيڻ واري ڊرامي جو منصوبو ٺاهيو جوابدار کي ماڻهن جا 22 ڪروڙ روپيه قرض ڏيڻو هو.  جنهن کان بچڻ جي لاءِ هن ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ جو ڊرامو ڪيو.

ايس پي سٽي جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪچي جي علائقي ۾ ڪرائي جي ڌاڙيلن کي ڏهاڙي تي پاڻ سان گڏ بيهاريو ۽ پاڻ ئي وڊيو ٺهرائي گهر ڀاتين ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرائي. پوليس چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن کي ڪراچي کان واپسي تي رحيم يار خان جي ڀرسان گرفتار ڪيو ويو. ايس پي سٽي اياز سليم موجب اغوا جو ڪوڙو ڊرامو ڪندڙن جي خلاف اين سي سي آءِ اي ۾ ڪيس داخل  ڪرايو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔