راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جي خلاف اسان جي مسلسل ڪوششن جي تعريف انهي ڳالهه جي نشاني آهي ته سموري ملڪ ۾ پائيدار، امن، استحڪام کي حاصل ڪرڻ تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ پوري قومي ارادي سان جاري رهندي.
پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ منعقد ٿي، چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شهيدن جي خاندانن، آفيسرن ۽ جوانن کي آپريشن ۾ بهترين بهادري ۽ قوم جي لاءِ نمايان خدمتون ادا ڪرڻ جي اعتراف ۾ ايوارڊز سان نوازيو.
آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ 50 کي ستاره امتياز(ملٽري) ۽ 12 کي تمغه بسالت سان نوازيو ويو. شهيدن جي گهر ڀاتين اعزاز وصول ڪيا، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن انهن جي قرباني هر پاڪستاني جي لاءِ هڪ مقدس امانت آهي. ملڪ ۾ امن، سلامتي انهن جي عظيم قربانين ۽ فرض سان بي پناهه محبت جي ڪري آهي.
فيلڊ مارشل عاصم منير شهيدن جي خاندانن طرفان انهن جي بي مثال قربانين جو اعتراف ڪندي انهن جي حوصلي ۽ ثابت قدمي جي تعريف ڪئي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشنل تيارين ۽ ارادن جي به تعريف ڪئي.
فيلڊ مارشل دهشتگردن جي خلاف مسلسل ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ انهي ڳالهه جو ارادو ڪيو ته سموري ملڪ ۾ پائيدار امن، استحڪام کي حاصل ڪرڻ تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ پوري قومي ارادي سان جاري رهندي.
تبصرے بند ہیں۔