ويڪسين جو هڪ ڊوز لڳرائي ٻاهرين ملڪ وڃڻ وارن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اين او سي سي پاڪستان کان ٻاهرين ملڪ وڃڻ ۽ پرڏيهه مان اچڻ وارن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جزوي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ، جنهن بعد ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ ماڻهو جزوي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا، اين سي او سي موجب جزوي ويڪسينيشن سرٽيفيڪيٽ انهن ماڻهن کي ڏنو ويندو جيڪو هڪڙو ڊوز لڳرائي ٻاهرين ملڪ ويندو، سرٽيفڪيٽ نادرا جي آن لائن سسٽم ذريعي جاري ڪيا ويندا جڏهن ته قومي صحت واري وزارت کي ضرورت مطابق سند کي تبديل ڪرڻ جي اجازت هوندي، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 79 لک 53 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔