شڪارپور:سردارتيغو خان تيغاڻي 6 ڏينهن جي عدالتي ريمانڊ تي پوليس حوالي

شڪارپور: شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سردار تيغو خان تيغاڻي کي 6 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، شڪارپور پوليس تيغو خان تيغاڻي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس چيو ته 9 جون تي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻي ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار تيغو خان تيغاڻي چيو ته صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي ۽ عابد سندراڻي جي خواھش آھي تہ سردار جيل ۾ ھجي ۽ ھو سياست ڪن، سياسي بنيادن تي گرفتاري ڪئي وئي عدالت کان انصاف جي اميد آھي، هن چيو آهي ته پوليس ھن وقت تائين ڪوئي بہ بيان نہ ورتو آھي، ڪراچي کان گرفتار ڪيو ويو مون کي خبر ئي نہ ھئي تہ گرفتار ڇو ڪيو ويو، سياستدان لوڙائين ٿا مان انھن کان برداشت نہ ٿو ٿيان، هن چيو ته ڪشمور ضلعي جا سياستدان اسڪرين تان ھٽائڻ چاھين ٿا، پوليس سياسي وانگار وھي رھي آھي، ڇھن کان وڌيڪ يونين ڪائونسل منھنجون آھن، سياست ڪرڻ جي ڪري ڪشمور جا سياستدان برداشت نہ ٿا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔