ڳالهيون ئي ڪرڻيون هيون ته ڪالعدم قرار ڇو ڏنو: شاهد خاقان

اسلام آباد: فيض آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن جون حقيقتون تلخ آهن، اسان کي اُن مان سبق سکڻ گهرجي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام آڏو حقيقتون رکڻ جو واحد طريقو ٽرٿ ڪميشن آهي، حڪومت کي ڳالهيون ئي ڪرڻيون هيون ته ٽي ايل پي کي ڪهڙي بُنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، ناموسِ رسالت جي حساس معاملي تي به حڪومت نااهلي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان رت ۽ پاڻي جي راند جي سٽ نٿو سهي سگهي، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان حققتون ٽوڙي مروڙ عوام آڏو پيش ڪيون، سلمان رشدي جو ڪتاب 1988ع ۾ شايع ٿيو ۽ نواز شريف 1990ع ۾ وزيراعظم ٿيو هو، هن وقت معاملا حل ڪرڻ گهرون ٿا ۽ اُميد ته سموريون ڌُيون ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔