ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 137 ماڻهو فوت ، 5445 ماڻهو نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 137 ماڻهو فوت ٿي ويا، 5445 ماڻهو نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس مثبت اچڻ جي شرح 8 سيڪڙو رهي، مجموعي طور تي ڪيسز 7 لک 66882 تائين پهچي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4286 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا آهن، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ صوبي ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 273466 ٿي ويو، جڏهن ته 4556 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪل مريضن جو تعداد 273566 آهي ۽ 7561 ماڻهو وائرس جو شڪار ٿي حياتي وڃائي ويٺا، بلوچستان ۾ مريضن جو انگ 21000 ۽225 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 107309 آهي ۽ 2920 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 70609 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين 645 مريض فوت ٿي چڪا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔