حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ بحران جو شڪار آهي: احسن اقبال

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪ بحران جو شڪار آهي ۽ حڪومت نوازشريف جي ملڪيتن جي پٺيان آهي. وزيراعظم غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ اندر بحران واري صورتحال آهي. ٻاهرين سرمائيڪاري ڪٿي آهي؟ هن چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن جيڪا تقرير ڪئي اها سڀني جي سامهون آهي. عمران خان جو خطاب طعنن ۽ نفرت تي ٻڌل هو.

(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته عمران خان جي خطاب ۾ پيش ڪيل ترقي جا انگ اکر حقيقتن جي ابتڙ آهن. دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان جي معيشت ڪري رهي آهي. احسن اقبال چيو ته بحران کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي ته جيئن حالتون خراب نه ٿين. حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب ملڪ ۾ وڏو بحران آهي.

هن چيو ته اميد  آهي ته سموريون ڌريون گڏجي هن مسئلي جو حل ڪڍنديون. حڪومت غير سنجيده رويو جاري رکيو ۽ پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔