پوليس کي فرنٽ لائن ڪورونا ورڪرز ۾ شامل ڪيو وڃي:آءِ جي سنڌ

ڪراچي : آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پوليس وارن کي ڪورونا جي خلاف وڙهندڙ فرنٽ لائن ورڪرز ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي،

آءِ جي سنڌ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري کي خط لکي چيو آهي ته پوليس گذريل سال فيبروري کان ڪورونا وائرس جي سخت ڊيوٽي تي موجود آهي، روڊن، آئسوليشن مرڪزن، سيلڊ علائقن، قبرستانن ۽ بازارن ۾ ڊيوٽي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته اهلڪار قدين کي کڻي اچڻ، وڃڻ، روڊن تي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ ۽ مظاهرين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري انهن جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جو وڏو خدشو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال 5 اپريل تائين 6 هزار 366 پوليس اهلڪار ڪورونا وائرس جو شڪار ۽ 24 اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن، ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ اهلڪارن ۾ وائرس وڌڻ ۽ فوتگين جو خدشو آهي، ان ڪري اهلڪارن کي فرنٽ لائن ورڪرز ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هو فوري طور ويڪسي نيشن جا اهل ٿي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔