اڪثريت ختم ڪرڻ بي اعتمادي جو ووٽ ناهي، اين آر او لاءِ دٻاءُ آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اميدوار رشوت ڏئي سينيٽر چونڊجي وڃي ٿو، اها ڪهڙي جهموريت آهي، 30.40 سالن کان سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو آيو آهي، اسان اوپن بيلٽ لاءِ بل پيش ڪيو پر هي سڀ پوئتي هٽي ويا، 2018ع ۾ اسان جا سينيٽ چونڊن ۾ 20 ميمبر وڪرو ٿيا، پ پ ۽ ن ليگ ميثاق جمهوريت ۾ لکيو ته ڳجهي ووٽنگ ٿئي:قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ته اوپن بيلٽ ٿئي، اسان بل پيش ڪيو ته سموريون پارٽيون گڏجي ويون ته اوپن بيلٽ نه ٿئي،سپريم ڪورٽ به چيو ته سينيٽ ۾ پيسو هلي ٿو، هي سڀ مونکي دٻاءُ ۾ آڻي رهيا آهن ته مان کين اين آر او ڏيان،شو آف هينڊ سان سينيٽ چونڊ ڪرائڻ کان ڪرپٽ سياستدان ڊنل هئا،پي ڊي ايم ٺاهڻ جو مقصد ڪرپٽ ٽولي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ آهي،2018ع ۾ اسان جي 20 ماڻهن کي خريد ڪيو ويو، مون انهن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني،اسان جي جڏهن کان حڪومت آئي آهي ته ڪرپٽ مافيا خوفزدا آهي،هنن جو مقصد آهي ته ڪهڙي طرح سان کين اين آر او ڏنو وڃي،هي اقتدار ۾ ڪاروبار هلائڻ لاءِ آيا، وزيراعظم ٿيو ته فيڪٽريون هلي ويون، ٻاهرين ملڪن ۾ اربين رپين جي ملڪيت رکي وئي،هن چيو ته اڪثريت ختم ڪرڻ بي اعتمادي جو ووٽ ناهي، سندن مقصد آهي ته بي اعتمادي جو ووٽ مون مٿان تلوار لٽڪائڻآهي،سندن ڪوشش آهي ته اسان جا ميمبر ٽوڙين ۽ اڪثريت ختم ڪن،هن ايف اي ٽي ايف قانون تي به بليڪ ميل ڪيو.1985ع کان وٺي ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي وئي ۽ تباهي ٿي،حفيظ شيخ کي هارائڻ جو مقصد مون مٿان اين آر او جي تلوار لٽڪائڻ آهي، پئسو هلائي حفيظ شيخ کي هارايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔