عمران خان چوي ٿو ته ميمبرز وڪرو ٿيا، ڪهڙَي مُنهن اعتماد جو ووٽ وٺندو؟: مريم نواز

اسلام آباد: ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجن ميمبرن لاءِ چوي ٿو ته اُھي سينيٽ چونڊن ۾ وڪرو ٿي ويا، ڪهڙَي مُنهن سان انهن کان اعتماد جو ووٽ وٺندو؟ عمران خان پنهنجَي ڏَڍ تي سينيٽ جِي هڪ سيٽ کٽَي نه سگهيو، هُن هڪ پيج تي ڀاڙيو ۽ هارائي ويو، اسلام آباد ۾ ن ليگ جِي جنرل ڪائونسل کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان سليڪٽرز سان ملِي اقتدار ۾ آيو، جمهوريت تي ڌاڙو هنيو، هاڻي جمهوريت جو رينگٽ ڪري رهيو آهي، عمران خان جَي اڳيان کَڏو ۽ پويان کاهي آهي، هاڻي ڪجهه نٿو ڪري سگهي، ڪنهن چيو هو ته سينيٽ چونڊن ۾ شو آف هينڊز نه ٿيو ته اپوزيشن روئيندي؟ هاڻي ڪير روئي رهيو آهي؟ حڪومت کي نوازشريف جو بيانيو ياد اچي ويو آهي، هاڻي چون ٿا “ووٽ کي عزت ڏيو” مريم نواز چيو ته، مخالف سمجهن پيا ته نوازشريف کي ٻاهر موڪليندا ۽ اڳواڻن کي جيل ۾ بند ڪندا ته نون ليگ ٽٽي ويندي، نواز ليگ کي ٽوڙيندڙ پاڻ ٽُٽُي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔