سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 17 مريض فوت، 260 نوان ڪيسز رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا، 260 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت تائين ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد 4405 ٿي ويو آهي، 6280 مريض مختلف اسپتالن ۽ گهرن ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان 283 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 43 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير موجب 260 مان 126 ڪيسز ڪراچي مان رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ۾ 23، ميرپور خاص ۾ 16، سجاول ۾ 15، ٺٽي ۾ 13، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 8، 8 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڏي وزير موجب لاڙڪاڻي ۽ نوشهروفيروز ۾ 6،6 جيڪب آباد ۽ قمبر ۾ 5،5 وڌيڪ ڪيسز سامهون آيا، عمر ڪوٽ ۾ 4، خيرپور، نواب شاهه ۽ گهوٽڪي ۾ 3،3 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔