جنهن کي مون تي اعتماد ناهي، کُليل نموني ٻڌائي ڇڏي: وزيراعظم

اسلام آباد: اقتدار جي حوس ناهي، سدائين قدرن جي سياست ڪئي اٿم، جنهن کي مون تي اعتماد ناهي، کُليل نموني ٻڌائي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان جون پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جي اجلاس دوران ڳالهيون، اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به موجود هو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهرين خبر هئي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو، اسان پئسي جي ڪاروبار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ وارو فيصلو ووٽ وڪرو ڪندڙن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ ڪيو، ڊڄڻ وارو نه آهيان، هر صورتحال جو ڄمي مقابلو ڪندس، اجلاس ۾ وزيراعظم کي سينيٽ چونڊن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست جي ڪارڻن بابت آگاهي ڏني وئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔