عمران صاحب! ڊراما نه ڪريو، فيصلو اسين ڪنداسين ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪرڻو آهي: بلاول

اسلام آباد: عمران صاحب! توهان اعتماد جا ڊراما نه ڪريو، هاڻي اسان فيصلو ڪنداسين ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪرڻو آهي، اسان عمران خان جو جيئڻ حرام ڪنداسين، کيس ڀڄڻ نه ڏينداسين، پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بي اعتمادي رٿ جِي شروعات پنجاب کان شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته هاڻي سڀ کان پهرين پنجاب کي بچائڻ گهرجي، پر بَي اعتمادي رٿ سميت اڳتي جِي حڪمت عملي جو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي، پي ڊي ايم سينيٽ چيئرمين جِي چونڊ ۾ به حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيندي، عمران خان کي پنهنجو رويو صحيح ڪرڻو پوندو، هاڻي گهڻي دير ٿي وئي ۽ هاڻي حڪومت کي ڪير به نٿو بچائي سگهي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔