ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرين تي فائرنگ: اٺٽيهه ڄڻا مارجي ويا

رنگون: فوجي بغاوت خلاف جاري احتجاج تي پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا.
ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شدت اچي وئي آهي جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي شهرن ۾ انساني حقن جي تنظيمن ۽ عوام پاران آنگ سان سوچي جي آزادي لاءِ شديد احتجاج جاري آهي جڏهن ته پوليس طرفان مظاهرين کي روڪڻ لاءِ ڳوڙها گيس استعمال ڪئي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
گڏيل قومن احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي ڪائونسل طرفان انتهائي قدم کنيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔