سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ وقت سر جاري نه ڪرڻ سبب اٽو مهانگو ٿيو: حماد اظهر

اسلام آباد: صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت بروقت ڪڻڪ ريليز ناهي ڪئي جنهن جي ڪري صوبي ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي صنعت ۽ واپار واري وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ هو ته اٽي جو بحران آيو ته صوبائي حڪومتن ان تي ڪم ڪيو، آڪٽوبر نومبر تائين سنڌ جيڪو 12 لک ٽن اٽو ورتو هو اُهو ريليز ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سنڌ حڪومت بروقت ڪڻڪ جاري ناهي ڪئي جنهن جي صوبي ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو، ۽ شماريات واري اداري موجب پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٻوري 860 جڏهن ته سنڌ ۾ اِها ئي اٽي جي ٻوري 1100 رپين جي آهي، اِها سڄي سنڌ حڪومت جي نااهلي هئي يا ڄاڻي واڻي ائين ڪيو ويو. حماد اظهر چيو ته ڪمند جو اگهه 170 رپيا ريٽ هلي رهيو هو هارين کي 130 رپين کان وڌيڪ ريٽ نه پئي ڏنو ويو، اسان جي حڪومت ۾ 230 جي حساب سان ڪمند جي ادائيگي ڪئي وئي، چنڊ جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون، حڪومت کان اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت وياج ادا ڪرڻ جي لاءِ قرض ورتو، جيڪڏهن ماضي جا قرض ادا نه ڪرڻا پيا ته اسان جو خرچ آمدني کان گهٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔