فارن فنڊنگ ڪيس ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو اسڪينڊل آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فارن فنڊنگ ڪيس کي ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو اسڪينڊل قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان(مدر آف اين ار او) وٺي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ مريم نوازشريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سامهون مظاهري جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اڱاري جي ڏينهن پي ڊي ايم جي قيادت اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي. مولانا فضل الرحمان الزام هنيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو مُک جوابدار عمران خان آهي. ڳجهي اڪائونٽ جي ذريعي ذاتي ڪاروبار ڪيو ويو. اسان اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاج ڪندي ڪيس جي جلد فيصلي جو مطالبو ڪنداسين ڇو ته دير سان شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿي رهيا آهن. پي ڊي ايم اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 21 جنوري تي اسرائيل نامنظور ملين مارچ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔