تحريڪ انصاف اسرائيل ۽ ڀارت جي فنڊنگ کي اليڪشن ڪميشن کان لڪايو: احسن اقبال

اسلام آباد: نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف اسرائيل ۽ ڀارت جي فنڊنگ کي اليڪشن ڪميشن کان لڪايو، اسٽيٽ بينڪ ڪيترن ئي بينڪ اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي جيڪي ظاهر نه ڪيا ويا، هنڊي ذريعي به رقم گهرائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ليگي اڳواڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڳجها اڪائونٽس پڪڙيا ويا آهن، تحريڪ انصاف جي حوالي سان فيصلا به جلد اچڻ گهرجن. هن چيو آهي ته فيصل واوڊا جو ڪيس ڪيترن ئي مهينن کان ٻڌڻي هيٺ آهي، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي ۾ غير ملڪي فنڊنگ تسليم ڪئي ۽ غير ملڪي فنڊنگ جي ذميواري ايجنٽس تي وجهي ڇڏي، ڪروڙين روپين جي مداخلت سان سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو ويو. ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي 2018 جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي، گذريل چونڊن جي قانوني حيثيت تي سواليه نشان لڳل رهيا آهن. هن چيو آهي ته پاڪستاني سياست جي وڏي فراڊ کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، اپوزيشن اليڪشن ڪميشن جي ٻاهر پر امن احتجاج ڪندي، احتجاج جو مقصد ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ناهي، اسان جو مطالبو آهي ته پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڪالعدم نه ٿيندي، ن ليگ جيڪو کڏ کوٽي آهي ان ۾ هو پاڻ ڪرڻ واري آهي، هن جي سياست جو دارومدار فارن فنڊنگ تي آهي، نواز شريف بينظير جي خلاف عدم اعتماد رٿ آڻڻ لاءِ پيسا ورتا هئا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته چئن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو فارن فنڊنگ وارو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ هلي رهيو آهي، ٻنهي پارٽين پنهنجي فنڊز جي تفصيل جمع ناهي ڪرائي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته هي ڪهڙي منهن سان اسان تي فنڊنگ جو الزام مڙهي رهيا آهن، اسرائيل کي تسليم توهان ٿا ڪيو، عمران خان واضح ڪري چڪو آهي ته اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔