حڪومت کي لڳي ٿو ته ڌمڪين کان ڊڄي وينداسين: مولانا فضل الرحمان

ملتان: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته حڪومت کي لڳي ٿو ته ڌمڪين کان ڊڄي وينداسين، جنگ جاري آهي ۽ لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي دنگل ٿيندو، جيستائين عمران خان ملڪ ڇڏي ڀڄي نه وڃي، سندس پيڇو ڪرڻو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سڄو عوام لاهور روانو ٿيندو، حڪومت رستو روڪي ڏيکارَي، عوام کين ٻوڙَي ڇڏيندو، ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملتان ۾ ڪارڪنن تي تشدد خلاف جمعي ۽ آچر تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿيندا، اسان رڳو ڏنڊو ڏيکاريو آهي، اسان کي چِڙ نه ڏياريو، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشمير فروش حڪمران هاڻي فلسطين کي وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان سودو ڪرڻ نه ڏينداسين، حڪومت جون ناجائز عالمي ايجنڊائون مڙهڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔