عمران نيازي جي فرمائش تي نيب جا ٺاهيل ڪيس مذاق بڻجي ويا آهن: احسن اقبال

لاهور : نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ماضي ۾ حڪومت کي نِڇ به ايندي هئي ته ادارا چوندا هئا ته زُڪام ٿيو آهي، اڄ حڪومت ڪينسر سٽيل آهي، پر ادارا چون ٿا معمولي بخار آهي. احسن اقبال چيو ته نيب عمران نيازي جي فرمائش تي جيڪي ڪيس ٺاهيا، اُهي مذاق بڻجي ويا آهن، احتساب جي نالي تي لطيفا ٺاهيا وڃن ٿا، سيڪيورٽي ادارن کي چئون ٿا ته حڪومت جو هٿيار نه بڻجن، سيڪيورٽي ادارن کي سياستدانن پويان لڳايو ويندو ته دهشتگردن کي ڇوٽ ملي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔