آغا سراج دراني تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

ڪراچي : سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني تي هڪ سال کانپوءِ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. ڪراچي جي احتساب عدالت آغا سراج دُراني جي گهرواري ۽ ٽنهي ڌيئرن تي به فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اغا سراج دُراني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت به ڪيسز کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان به منهن ڏيندا رهنداسين، وقت تي خبر پئجي ويندي ته ڪير صحيح ۽ ڪير غلط آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔