آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: خورشيد شاهه، اويس شاهه ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

سکر : سکر جي احتساب عدالت، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه، صوبائي وزير اويس قادر شاهه سميت 18 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه سميت ٻين جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. عدالت 11 ڊسمبر تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، هڪ ارب 23 ڪروڙن جي اثاثن واري ريفرنس ۾ خورشيد شاهه 14 مهينن کان گرفتار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔