سليڪٽرز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام پنهنجو حق چاهي ٿو: اختر مينگل

ملتان: بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته سليڪٽرز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام پنهنجو حق چاهي ٿو ، عوام ووٽ جي عزت چاهي ٿو ، هن ملڪ ۾ حڪمراني هوندي ته ووٽ جي هوندي. ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت ميدان ۾ جلسي جي اجازت نه ڏئي نااهلي جو مظاهرو ڪيو آهي، اڄ ملتان جي چوڪن ۽ گهٽين ۾ حڪومت جي مذمت ٿي رهي آهي. اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي عوام جي عزت لاءِ 70 سالن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون. بلوچستان سان هميشهه کان ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سموريون رڪاوٽون ٽوڙي عوام جلسي ۾ پهتو، ووٽ کي عزت ڌيارڻ لاءِ عوام جيل به برداشت ڪري رهيو آهي . عوام تخت ڪيرايا ۽ تاج اڏائي ڇڏيا. بي اين پي سربراهه چيو ته سليڪٽرز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام پنهنجو حق چاهي ٿو ، عوام ووٽ جي عزت چاهي ٿو ، هن ملڪ ۾ حڪمراني هوندي ته ووٽ جي هوندي. اختر مينگل چيو ته هتي مائرن ۽ ڀيرن جو عزتون محفوظ ناهن، جيڪڏهن ڪو ماءُ ۽ ڀيڻ جي عزت نٿو ڪري سگهي ان کي حڪمرا ني جو ڪو حق ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔