فضل الرحمان بند گهٽي ۾ نه وڃي، سياسي حادثا ٿي سگهن ٿا: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي ته شهباز شريف ڊائلاگ چاهي ٿو، مولانا فضل الرحمان گهڻو اڳتي وڃي رهيو آهي، سياسي ڊرائيور غلط ڊرائيونگ ڪن ته حادثا جنم وٺندا آهن. شيخ رشيد چيو ته فضل الرحمان کي صلاح ڏيندس ته بند گهٽي ۾ نه وڃي، ٻي صورت ۾ حادثا ٿي سگهن ٿا، اپوزيشن جي جلسن سان عمران خان ڪيڏانهن به نه ويندو، وزيراعظم عمران خان نيب ۽ اين آر او کانسواءِ ٻين سمورن مامرن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان کي سرحدن مان ڪوبه خطرو نه آهي، عالمي سازش تحت ملڪ کي اندروني ڏڦيڙ جو شڪار ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔